مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون

نوشھروفيروز: سنڌ حڪومت جي حڪم تي ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ عيد الفطر جي موقعي تي مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي.رات دير سان ضلعي سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ضمير احمد بروهي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو حسن ظفر ۽ موٽر وي پوليس قومي شاهراهه تي مورو ٽول پلازه وٽ ڪارروائي ڪندي مسافر بسن جي چيڪنگ ڪئي، جيڪي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪري رهيا هئا. مسافرن کي هڪ لک کان وڌيڪ رپيا واپس ڪيا ويا، جڏهن ته 55 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.جڏهن ته بسن جي ڇتين تي ويٺل مسافرن کي محفوظ رکڻ لاءِ بس جي اندر ويهاريو ويو.ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ چيو ته وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽر خلاف ڪارروائي عيد کانپوءِ به جاري رهندي.هن مسافرن کي چيو ته جيڪڏهن ڪو ٽرانسپورٽر وڌيڪ ڀاڙو وصول جي صورت ۾ ضلعي سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سان رابطو ڪن.