سکر: شيڊ ويلفيئر ايسوسي ايشن جي صدر محمد معيز ۽ خبيب تسليم چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، سنڌ جي مخير حضرات کي اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ۽ پنهنجي آس پاس رهندڙ غريبن ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته جيئن عيد جي خوشين ۾ شامل ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان غريبن ۽ مسڪينن ۾ گهر گهر وڃي راشن ۽ عيد جا تحفا ورهائڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي شيزيب خان، شهزاد، قيصر، معيز شمسي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. محمد معيز ۽ خبيب تسليم وڌيڪ چيو ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ اولين عبادت آهي، غريبن جي مدد ڪرڻ سان الله تعاليٰ راضي ٿيندو آهي ۽ دل جو سڪون به حاصل ٿيندو آهي، گزرسفر مشڪل کان مشڪل بڻجي ويو آهي ڪيترائي ماڻهو مجبور ٿي بيروزگاري ۽ غربت سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ۽ مخير حضرات جي به اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي آس پاس رهندڙ غريبن تي نظر رکي ۽ انهن جي مدد لاءِ سرگرم رهن. هن چيو ته شيڊ ويلفيئر ايسوسي ايشن گهر گهر وڃي غريب عوام کي راشن ۽ ٻيو سامان فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن کين عيد جي خوشين ۾ شامل ڪري سگهجي.