سکر : جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سکر جي ترجمان قاري لياقت علي مغل سکر انتظاميا، ميونسپل اختيارين کي نصرت ڪالوني پنج پراڻو سکر سميت آئوٽر سگنل واري علائقي جي رهواسين کي پاڻي جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي.جي يو آئي ضلعي ترجمان قاري لياقت مغل سکر ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا سميت سکر جي چونڊيل نمائندن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آھي ته متاثر علائقي جا رهواسي هڪ مهيني کان پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترس رهيا آهن پر شڪايتن باوجود علائقي کي پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري گهريلو ڪاروهنوار ۽ ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن رهواسي ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ سميت پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن،علائقي واسين پاران احتجاج باوجود انتظاميه ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، هن جاري ڪيل بيان ۾ مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاءِ انچارج آغا جاويد کي فوري طور برطرف ڪري علائقي جي رهواسين کي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ عيد الفطر کان پوءِ سکر جي مک روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو.