سکر :جي نئين پنڊ امان الله چوڪ جي رهواسي بيواهه مسمات سڪينه بروهي پنهنجي پٽ فرمان بروهي سان گڏ برادري جي بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين

سکر :جي نئين پنڊ امان الله چوڪ جي رهواسي بيواهه مسمات سڪينه بروهي پنهنجي پٽ فرمان بروهي سان گڏ برادري جي بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين ۽ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي برادري جي بااثر شخص افضل بروهي.حسين بخش بروهي ۽ ٻين سان چوري مامري تان تڪرار هلندڙ آهي،جوابدارن خلاف رپورٽ داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب اسان جي حياتن کي خطرو آھي ۔متاثر عورت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.