سکر ؛۾  عيد الفطر جون تياريون عروج تي پهچي ويون عورتن ۔ ٻارن ۽ نوجوانن جي عيد خريداري عروج تي، سکر جي بازارن ۾ خريدارن جي رش وڌي وئي، عورتن به عيد تياريون هٿن تي مهندي لڳائڻ وارو عمل به جاري آھي ان ڏس ۾ مهندي لڳائيندڙ عورت جو چوڻ آھي

سکر: ۾  عيد الفطر جون تياريون عروج تي پهچي ويون عورتن ۔ ٻارن ۽ نوجوانن جي عيد خريداري عروج تي، سکر جي بازارن ۾ خريدارن جي رش وڌي وئي، عورتن به عيد تياريون هٿن تي مهندي لڳائڻ وارو عمل به جاري آھي ان ڏس ۾ مهندي لڳائيندڙ عورت جو چوڻ آھي ته هر ڇوڪري پسند ڪندي آهي ته نئين کان نئين ڊزائينز جي مهندي هڻائي جڏهن ته عيد جي موقعي تي بازارن ۾ ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جي هر قسم جي مهندي موجود هوندي آهي ۽ عورتون چنڊ رات جو بي صبري سان انتظار ڪنديون آهن، سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به بيوٽي ​​پارلر سميت گهرن ۾ مهندي لڳائي پئي وڃي. هوڏاهن سکر شهر ۾ چنڊ رات سيون۔نمڪو ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري وڌڻ سبب دڪاندارن اگهن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. عيد جي موقعي تي ڪيڪ، مٺائي، حلوا، مٺي لوازمات جو اگهه مهانگو ٿي ويو، ان روايت کي زندهه رکڻ به سواليه نشان بڻجي ويو آهي، اٽي ۽ سوجي جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ياد رهي ته عيدالفطر تي لکين روپين جا ڪيڪ، مٺايون ۽ ٻيو سامان وڪرو ٿيندو آهي پر مهانگائي سبب هن سال خريداري ۽ وڪري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، شهر مان تيار ٿيندڙ مٺايون جا اگهه وڌيڪ وڌي ويا آهن. عيدالفطر جي موقعي تي سکر ۽ ٻين شهرن ۾ گلاب ڄمون، ڇم ڇم برفي، رس گلا ۽ ٻيون مٺايون وڏي پئماني تي وڪامي رهيون آهن، شهري پنهنجي مٽ مائٽن ۔دوستن کي تحفي طور مٺايون پڻ پيش ڪن ٿا.