سکر: ۾ عيد ڏهاڙي ڇهه مقتولن جا مڙهه کڄڻ تي ماتم، سکر ۾ ٻن ڌرين ۾ خوني ويڙهه ۾ قتل ٿيل 6 ڄڻن جي نمازي نماز ادا ڪئي وئي.بچل شاهه مياڻي ۾ خروس جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل خوني ويڙهه ۾ ستن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو، جهيڙي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ مقتولن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو.خوني جھيڙي ۾ قتل ٿيل چئن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، محمد ملوڪ خروس جي الڳ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ مورچا بند بڻيل آهن، مقتولن جو قتل ڪيس داخل ناهي ته سگهيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا، پهچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.گذريل ڏينهن راڪيٽ لانچر سميت جديد هٿياربند سان فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪجهه مهينن جو نينگر، چار عورتون، هڪ نينگري ۾ هڪ مرد قتل ٿي ويو هو، ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي.