ميرپور ساڪرو ڀرسان عيد نماز بعد سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي

ميرپور ساڪرو: : ٺاريوارِي ۾ عيد نماز بعد عيد نماز بعد سيد برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺين، ڇرين ۽ ڪهاڙين جو استعمال، هڪ ڄڻو نظر شاهه مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ٺاري واري جي علائقي ۾ ٿيل جهيڙي جي زخمين کي ٻگهاڻ اسپتال پهچايو ويو، واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئيپوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، عيد ڏينهن ڌرين ۾ جهيڙي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿي ويو، نوجوان جي قتل بعد عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.