مبارڪپور ويجهو ڪيهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

مبارڪپور: ويجهو عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.مبارڪپور ٿاڻي جي ڳوٺ نبي دادا گورشاني ۾ ڪيهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ محمد رمضان ڪيهر رهواسي مدئجي ۽ نظام الدين جي نالي سان ٿي آهي.جڏهن ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو آھي.