پنجاب: جهڙي وڏي صوبي ۾ پهرين چونڊون وفاق تي اثرانداز ٿينديون: بلاول

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خبردار ڪندي چيو آهي ته پنجاب جهڙي وڏي صوبي ۾ پهريان اليڪشن وفاق ۽ صوبن تي اثرانداز ٿيندي رهندي.بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي ڀٽو هائوس ۾ڪارڪنن ۽ پارٽي عهديدارن جي عيد ملن پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اسان سدائين آئين، جهموريت ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجد ڪئي آهي.هن چيو ته اسان کي اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي مُلڪ ۽ قوم جي وسيع مفاد ۾ هجن، اسان نسلن ذريعي پاڪستان ۾ جهموريت جي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.پرڏيهي وزير چيو ته ادارن ۾ ورهاست نظر اچي رهي جنهن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.بلاول چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته وقت سان گڏوگڏ عوامي مسئلا وڌندا.پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين ذريعي کوڙ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته سموري مُلڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ٿيڻ گهرجن، ذاتي مفادن ۽ مسئلن کي پاسي تي رکي مُلڪ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو ڇو جو سازشي ڌريون مُلڪ ۾ وڳوڙ چاهين ٿيون.