لاهور: ريلوي ريزرويشن سسٽم جي لنڪ ڊائون ٿيڻ سبب مسافر آن لائين بڪنگ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ريلوي ذريعن موجب آن لائين بڪنگ سسٽم منجهند 3 وڳي کان ڊائون آهي، ريلوي ريزويشن سسٽم جي لنڪ ڊائون ٿيڻ سبب سموري ملڪ ۾ ريلن جي بڪنگ ۾ خلل پئجي ويو آهي.پاڪستان ريلوي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اين ٽي ايس سسٽم جي مين سرور ۾ خرابي پيدا ٿي وئي آهي، اين ٽي ايس سسٽم ۾ خرابي سبب لنڪ ڊائون ٿي.ريلوي ترجمان وڌيڪ چيو ته سسٽم جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن، سسٽم ڪجهه دير ۾ بحال ٿي ويندو.