سوات: سي ٽي ڊي ٿاڻي اندر آپهگاتي ڌماڪا، 7 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

سوات: خيبرپختونخوا جي ضلعي سوات ۾ هڪٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ٿيا آهن.سوات جي علائقي ڪبل ۾ سي ٽي ڊي پوليس ٿاڻي ويجهو ٻه ڌماڪا ٿيا آهن، امدادي ٽيمون اطلاع ملڻ بعد روانو ٿي ويون آهن.ڌماڪن بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.ڊي پي او جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب ٿاڻي جي عمارت سخت متاثر ٿي آهي، ڌماڪي جي نوعيت بابت پتو لڳايو پيو وڃي.