سوات ڌماڪو: شهيدن جو انگ 17 ٿي ويو، بچي ويل ڌماڪيدار مواد ناڪاره بڻايو ويو

سوات: ڪبل سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ 17 ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين موجب واقعي واري هنڌ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. گذريل رات 17 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ 17 ڄڻا شهيد ۽ 51 زخمي ٿيا، زخمين کي ڪبل ۽ سيدو شريف اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سخت سڙي زخمي ٿيندڙن کي پشاور برن سينٽر منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب شهيد پوليس آفيسرن ۾ سب انسپيڪٽر عبدالله، اشرف علي ۽ اي ايس آءِ شير عالم شامل آهن. جڏهن ته سپاهي تاج محمد شيرولي، خليل رحمان، بخت روخان، عصمت علي ۽ فضل رزاق به شهيدن ۾ شامل آهن.ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ بچي ويل ڌماڪيدار مواد کي ناڪاره بڻايو ويو آهي. هوڏانهن آءِ جي ڪي پي ڪي اختر حيات چيو آهي ته پوليس اسٽيشن ۾ ٻاهر کان ڪنهن حملي جون شاهديون ناهن مليون. ڌماڪو تهه خاني ۾ پيل بارودي مواد سبب ٿيو. ان جي ڪري ئي شارٽ سرڪٽ بڻيو، وڌيڪ جاچ جاري آهي.هوڏانهن سوات ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ 9 اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اختيارين موجب ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ پنج قيدي به شامل آهن.