رحيم يار خان: پوليس طرفان ڪچي ۾ جاري آپريشن دوران هڪ وڏي ڪارروائي دوران 8 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.ڪچي ۾ پوليس جو گرينڊ آپريشن 17 ڏينهن به جاري آهي ان دوران ڪامياب حڪمت عملي تحت پوليس ڪچي لنڊ ۾ دلاني ۽ عمراني گينگ خلاف وڏي ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 8 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو جوابدارن جي قبضي مان 3 جديد ڪلاشنڪوف، رپيٽرز، ڪيترائي ميگزين ۽ سوين گوليون هٿ ڪيون ويون. علائقي ۾ پوليس جي اڳڀرائي اڃان تائين جاري آهي پوليس موجب دلاني ۽ عماني گينگ ڪچي واري علائقي لنڊ ۾ ڳجها ٺڪاڻا ٺاهي رکيا هئا جتان کان هو سنگين ڏوهن جي پلاننگ ڪري رهيا هئا، پوليس جي ٽارگيٽ ڪارروائي دوران ڪچي واري علائقي لنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻيڙين جو به استعمال ڪيو ويو. ڪچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس پيشوارانه مهارت ۽ حڪمت عملي تحت ڪاميابي سان اڳڀرائي جاري رکي آهي.پوليس جي گرينڊ آپريشن دوران هينئر تائين 3 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 28 کان وڌيڪ گرفتار ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڏوهارين جي ڳجهن ٺڪاڻن تان وڏي تعداد ۾ هٿيار، راڪيٽ لانچر، لانگ مشين گن، هينڊ گرينيڊز، شارٽ مشين گنز ۽ هزارن جي انگ ۾ مختلف بورز جون گوليون ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي.ڪچي ۾ اغوا ڪندڙن ۽ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري رياست ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪندي پوليس ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن.