لاهور: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عدالتن کي سياسي معاملن ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي.صوبائي گادي واري شهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سياسي معاملن کي عدالتن طرف نه کڻي وڃڻ گهرجي. آڊيو ليڪس جون ڳالهيون انتهائي سنگين آهن. سينئر وڪيل ۽ اڳوڻي چيف جسٽس وچ ۾ سنگين قسم جون ڳالهيون ٿيون.هن چيو ته سياسي معاملن جون ڳالهيون ايوانن ۾ ٿيڻ گهرجن. عدالتن کي سياسي معاملن ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي.وفاقي وزير چيو ته ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ادارا ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون ٿي وڃن. ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهڙو ڪم ڪيو وڃي جنهن سان توهين عدالت ٿي وڃي. جڏهن به سياسي معاملا عدالتن ۾ آيا آهن ان سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان ٿيو آهي.