جيڪب آباد: بلوچستان پوليس تي ڏوهارين جو حملو، سب انسپيڪٽر سميت 3 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ اوستا محمد جي نوجوان جي بازيابي لاءِ ايندڙ بلوچستان پوليس تي ڏوهارين جو حملو سب انسپيڪٽر سميت 3 اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.مولاداد ٿاڻي جي حد جاگير ۾ ڏوهارين جي فائرنگ سبب بلوچستان پوليس جو سب انسپيڪٽر طيب عمراڻي، نثار احمد ۽ وهاب شهيد ٿي ويا.ان حوالي سان ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بلوچستان پوليس تي ڏوهارين حملو ڪيو آهي جنهن سبب سب انسپيڪٽر سميت 3 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.