لاڙڪاڻو: شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد ليلا آباد محلي ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال 8 ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. ليلا آباد محلي ۾ غلام رضا سمون پنهنجي زال 42 ورهين جي ريحانه پروين کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي عورت جو لاش چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي قتل ٿي ويل عورت جي پٽ علي رضا سمون رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو پيءُ غلام رضا سمون ڪافي وقت کان منهنجي ماءُ تي تشدد ڪندو رهندو هو جنهن صبح سوير اسان جي ماء مٿان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي.