لاهور: اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر عمران خان مٿان حملي ڪيس جي فائل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.جي آءِ ٽي ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ ڪيترائي ڀيرا اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر کان ڪيس جي فائل طلب ڪئي وئي پر هُن فائل جي آءِ ٽي جي حوالي نه ڪئي. اڳوڻي سي سي پي او لاهور چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد عدالت ۾ رٽ داخل ڪئي آهي، جڏهن هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏيندي ته فائل جي آءِ ٽي حوالي ڪندس.جي آءِ ٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس جي فائل نه ملڻ سبب جاچ شروع ناهي ٿي سگهي. موجوده جي آءِ ٽي ۾ ڊي آءِ جي ڪامران عادل، احسان الله چوهاڻ ۽ ايس پي نصيب الله شامل آهن.پي ٽي آءِ دور ۾ ٺهندڙ جي آءِ ٽي جا ميمبر غلام محمد ڊوگر جي جاچ کان اختلاف ڪري چڪا آهن. غلام محمد ڊوگر 3 ڏينهن اڳ ريٽائرڊ ٿي چڪو آهي پر ڪيس جي فائل جي آءِ ٽي کي ناهي ڏني.قانوني طور تي سرڪاري ملازم ريٽائرمينٽ کان پوءِ سرڪاري فائل يا اهم دستاويز پنهنجو پاڻ وٽ نٿو رکي سگهي. اهم دستاويز واپس نه ڪرڻ تي رياست طرفان ڪيس به داخل ڪرائي سگهجي ٿو.