لاهور: مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ هڪ ٻئي خراب خبر سامهون اچي وئي آهي، کنڊ سرڪاري طور 11 روپيه في ڪلو مهانگي ڪئي وئي آهي. فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. کنڊ جي نئين سرڪاري قيمت 98 روپيه 82 پئسا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. سيلز ٽيڪس 2 روپيه 58 پئسا اضافي سان 14 روپيه 68 پئسا في ڪلو ڪيو ويو. ملن جو منافعو مارجن 3 روپيه 3 پئسا گهٽ ٿيڻ سان 5 روپيه 30 پئسا في ڪلو مقرر ڪيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمند جي قيمت 44 روپيه 34 پئسا في مڻ وڌڻ سبب اهڙو فيصلو ڪيو ويو. پنجاب ۾ پرچون قيمت 99.33، سنڌ ۾ 97.62 روپيه في ڪلو هوندي. خيبرپختونخواهه لاءِ کنڊ جي سرڪاري قيمت 95.32 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.