واشنگٽن: عام طور تي فلمن ۾ جيڪو ڏيکاريو ويندو آهي اهو حقيقي زندگي ۾ نظر ناهي ايندو پر ڪيترائي واقعا اهڙا هوندا اهن جن بابت يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ڇو جو اُهي ڪجهه گھڻا ئي فلمي ۽ غير حقيقي محسوس ٿيندا آهن.اهڙو ئي هڪ حقيقي واقعو جنهن جا تفصيل ڄاڻي يقين ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو ته ڪو فرد ائين به ڪري سگھي ٿو اهو سڀ ڪجهه ڪنهن فلم کان گھٽ ناهي.پاڻ تصور ڪريو ته 3 ورهين دوران پنهنجن دوستن ۽ واقف ماڻهن کي زهر ڏئي قتل ڪري صاف بچي وڃڻ ۽ پوءِ اوچتو رڳو هڪ شڪايت تي پڪڙجي وڃڻ ڪنهن فلمي ڪهاڻي جهڙو ناهي ته ڇا آهي.اهڙو ڪيس ٿائيلينڊ ۾ سامهون آيو آهي جتي هڪ عورت کي 12 ڄڻن جي قتل جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.بينڪاڪ پوليس موجب Sararat Rangsiwuthaporn نالي عورت کي 25 اپريل تي سندس هڪ دوست جي موت جي جاچ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو.مقتولا جي وارثن شڪ ظاهر ڪيو هو ته هوءَ Sararat Rangsiwuthaporn سان گڏ هڪ تفريحي دوري تي وڃڻ کان پوءِ مارجي وئي هئي.جاچ ڪرڻ کان پوءِ پوليس پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ان عورت اڳوڻي بواءِ فرينڊ سوڌو گڏيل طور تي 12 ڄڻن کي سائنائيڊ زهر ذريعي قتل ڪيو.پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب عورت مالي سبب جي ڪري قتل ڪيا، ٻي پاسي ملزمه سمورون الزامن جي ترديد ڪئي آهي پر اختيارين کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.پوليس جاچ جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن اپريل جي شروعات ۾ Sararat Rangsiwuthaporn پنهنجي دوست سان گڏ هڪ ويجهي صوبي ۾ وئي، جتي سندس دوست Siriporn Khanwong اوچتو ڪِري مري وئي، جڏهن ته ان جو فون، پيسا ۽ سامان گم هو.پوليس موجب خاندان جي شڪايت کان پو3 پوسٽمارٽم دوران لاش مان سائنائيڊ زهر جا آثار دريافت ٿيا ۽ پوءِ جاچ جي شروعات ٿي.بيان ۾ ٻڌايو ويو ته جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته عورت اهڙيءَ طرح ٻين 11 ماڻهن کي به قتل ڪيو، پر ان حوالي سان تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو سلسلو 2020ع ۾ شروع ٿيو هو، عورت جو بواءِ فرينڊ ۽ 2 عورت پوليس اهلڪار به قتل ٿيا.ٿاءِ پوليس طرفان عورت جي هڪ بواءِ فرينڊ، جيڪو هڪ سينيئر پوليس عهديدار آهي، کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملزمه قتل ٿيل سمورن ماڻهن کي سڃاڻيندي هئي ۽ پيسن لاءِ امڪاني طور تي انهن سڀني کي قتل ڪيو.پوليس موجب هڪ عورت امڪاني قاتلاڻي حملي ۾ بچي وئي جنهن ملزمه کي اڍائي لک ٿاءِ ڀات قرض ڏنو هو.پوليس آفيسرن ٻڌايو ته مقتولن جي وارثن طرفان به زيور ۽ روڪ رقم گم ٿيڻ کي رپورٽ ڪيو ويو آهي، پر انهن کي ان وقت قتل جو شڪ نه ٿيو هو.هنن چيو ته ملزمه جي خلاف شاهديون حاصل ڪرڻ هڪ چيلينج ثابت ٿيندو ڇو جو ڪيترن ئي لاشن کي ساڙيو ويو آهي.