جهڏو انتظاميا جي لاپرواهي سبب 15 ڏينهن کان پاڻي بند، رهواسي پريشان

جهڏو : ۾ پبلڪ هيلٿ انتظاميا پندرنهن ڏينهن کان جهڏي شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، شهري شديد گرمي ۾ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپڻ لڳا.واٽر سپلائي انتظاميا سرعام پاڻي وڪرو ڪرڻ لڳي شهري سخت پريشان اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.خبر موجب جهڏو پبلڪ هيلٿ واٽر سپلائي انتظاميا جي نااهلي سبب شهر ۾ 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب شهر جي اڪثر علائقن حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، عابد ڪالوني، کوسا پاڙو، علي ڪو هائوسنگ سوسائٽي، مراد شاهه درگاهه پاڙو سميت ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي سخت گرمي ۾ پئيڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن.شهرين رميش ڪمار، محمد اشرف، ارباب علي، نياز کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا اسان جي علائقن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، مسلسل پندرهن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، شديد گرمي ۾ پاڻي جي سپلائي بند هجڻ ڪري اسان سخت پريشان بڻيل آهيون، واٽر سپلائي انتظاميا اسان جو پاڻي سرعام ٽئنڪر مافيا سان ملي ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن واٽر سپلائي جي تلائن تي پاڻي جي ٽئنڪرن جون قطارون لڳل آهن، في ٽئنڪر واري کان واٽر سپلائي عملدار پنج سئو رپيا وٺن ٿا ۽ ٽئنڪر مافيا شهرين کي ٻه هزار کان پنجويهه سئو رپين عيوض پاڻي جو ٽئنڪر وڪرو ڪري رهيا آهن واٽر سپلائي عملدارن جي هٺ ڌرمي سبب رهواسي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪري واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. جڏهن ته شهر جو غريب طبقو عورتون، مرد، پيرسن توڙي ننڊڙا معصوم ٻارڙا مختلف ٿانو دلا مٽ بالٽيون دٻا ڪولر کڻي سڄو سڄو ڏينهن پاڻي جي تلاش ۾ ڌر ڌر ڀٽڪي پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن.هنن چيو ته واٽر سپلائي عملدارن جي رشوت خوري سبب سمورو شهر پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهي، سڄي شهر ۾ هر طرف پاڻي نه هجڻ ڪري ڪربلا جا منظر آهن، شهري سخت عذابن کي منهن ڏئي رهيا آهن پر پبلڪ هيلٿ کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن ڪمشنر ۽ ڊي سي ميرپورخاص سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واٽر سپلائي انتظاميا جهڏو خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي جي سپلائي بحال ڪرائي شهرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.