ڪراچي: ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو اڄ به جاري رهيو، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 8 پئسا گهٽتائي کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 283 رپيا 84 پئسا رهيو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر جو قدر 50 پئسا گهٽجڻ سان 290 رپيا آهي.