سنڌ: ۾ منڪي پاڪس جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو: عذرا پيچوهو

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو صوبي ۾ منڪي پاڪس جي ڪنهن به ڪيس جي ترديد ڪري ڇڏي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عذرا پيچوهو چيو ته هن وقت منڪي پاڪس جو ڪو ڪنفرم ڪيس ناهي، لياري جي هڪ ٻار جي منڪي پاڪس جي شڪ ۾ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ اچڻي آهي، امڪاني طور ان ٻار کي چڪن پاڪس آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ هيل تائين منڪي پاڪس جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس جون 1 هزار ڪٽون فراهم ڪيون آهن، منڪي پاڪس جي حوالي سان الرٽ آهيون ۽ ايئرپورٽ تي به الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ هو ته منڪي پاڪس سان موت جي شرح انتهائي گهٽ آهي، ان بيماري جي ڪا ويڪسين ناهي پر اسمال پاڪس جي ويڪسين موجود آهي، جنهن تي تحقيق جاري آهي ته اها ويڪسين منڪي پاڪس تي به ڪم ڪندي آهي.