سکر : ڪسٽم عملدارن کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، تفصيل موجب ڪليڪٽر ڪسٽم سيد عمران بخاري جي هدايت تي ايڊيشنل ڪليڪٽرڪسٽم سکر محمد دائود پيرزادو جي نگراني ۾ ڪسٽم عملدارن ڪارروائي ڪندي کنڊ ۽ يوريا اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. جيڪب آباد چيڪ پوسٽ تي کنڊ ۽ يوريا سان ڀريل ٽرڪون هٿ ڪيون ويون آهن، ڪارروائي جي حوالي سان ايڊيشنل ڪليڪٽر آف ڪسٽم محمد دائود پيرزاده ٻڌايو ته ڪارروائي دوران 40 ٽن کنڊ سان ڀريل ٽرڪ کي پڪڙي کنڊ ھٿ ڪئي آهي، جڏهن ته يوريا سان ڀريل چار ٽرڪ هٿ ڪيا ويا آهن.جيڪي جيڪب آباد چيڪ پوسٽ وٽان گزرندي ڪسٽم عملي ڪاروائي ڪندي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آھي۔ 800 بورين ۾ 240 ٽن يوريا آهي، جنهن جي ماليت 2 ملين کان وڌيڪ آهي، ايڊيشنل ڪليڪٽر آف ڪسٽم سکر محمد دائود پيرزاده وڌيڪ چيو ته ڪسٽم کاتي جي عملدارن موجب ڪارروائي جاري آهي.ڪسٽم عملدار ۽ عملو سورسز ذريعي معلومات حاصل ڪندي وسيلا ڪتب آندا وڃن ٿا۔