سکر :مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي وفد مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي وارثن سان تعزيت ڪئي، انصاف جو يقين ڏياريو

سکر :مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي وفد مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي وارثن سان تعزيت ڪئي، انصاف جو يقين ڏياريو۔ ڏک جي هن گهڙي ۾ مسلم ليگ ن وارثن سان گڏ بيٺل آهي، تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي سکر جي صدر خورشيد احمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ وفد مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي وارثن وٽ پهچي سندس ڀاءُ طارق ساوند سان تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مقتول جي بلند درجات لاء دعا گھري،وفد ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد اعظم خان.انفارميشن سيڪريٽري گل حسن کوسو ۽ ٻيا به موجود هئا،