پنجاب: جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف پوليس تي تشدد ۽ حملو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو.غالب مارڪيٽ ٿاڻي تي پرويز الاهي سميت 50 ماڻهن خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ دهشتگردي ۽ قتل جي ارادي سميت 13 قلم لڳايا ويا آهن.اينٽي ڪرپشن آفيسر جي مدعيت ۾ داخل ڪيس جي متن مجب ڇاپو هڻندڙ ٽيم تي ساڙڻ جي نيت سان پيٽرول اڇلايو ويو. پٿراءُ ڪيو ويو ان کان علاوه ڏنڊن سان پڻ حملو ڪيو ويو، جڏهن ته پرويز الاهي موقعي تان فرار ٿي ويو.ياد رهي ته پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن گذريل رات پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو هنيو هو پر اها کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.