نيوسعيدباد: نامعلوم هٿياربندن جو موٽرسائيڪل سوار نوجوان تي حملو، اسپتال نئيندي فوت

جيڪب آباد: نيوسعيدباد ۾ نامعلوم هٿياربندن موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان کي تيز اوزار سان وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان اسپتال نئيندي فوت ٿي ويو.شھيد بينظير ڀٽو چونڪ تي ڪوري برادري جي گھرن وٽ وارڊ نمبر 6 جي رھواسي 40 ورھين جي نوجوان ظھير پاشا ابڙيجو کي نامعلوم ھٿياربندن سندس موٽرسائيڪل کي روڪي تيز اوزار سان ڳچي تي وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.هوڏانهن زخمي کي نازڪ حالت ۾ نيوسعيدآباد تعلقا اسپتال آڻي شروعاتي طبي امداد ڏئي، وڌيڪ علاج لاءِ لمس اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.