لاڙڪاڻو: جي ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ نور ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر گهڙي فائرنگ ڪري 6 ٻارن جي ماء سردار خاتون زال ديگاڻو خان عمراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.لاڙڪاڻو :پوليس اطلاع تي پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي مارچري آندو. ان موقعي تي تي مقتول عورت جي پٽ خان محمد عمراڻي ٻڌايو ته رتوديرو ڀرسان ڳوٺ غوث بخش عمراڻي ۾ اسان جو 8 ويسا پلاٽ آهي جنهن جي مالڪي تان بااثرن عمراڻي ذات جي ديدار، رفيق، ذوالفقار عمراڻي جي بڇ تي اڄ صبح جو اسان جي لاڙڪاڻي نور ڪالوني واري رهائشگاهه تي حملو ڪري هٿياربند لياقت عمراڻي، گلاب عمراڻي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري امڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي.هن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته بااثرن قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.