جيڪب آباد:جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شجاءُالله پنهور جي بنگلي تي قبضي واري معاملي ۾ سيشن جج مير منظور پنهور جي ٻن پٽن سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ شجاءُالله پنهور جي ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ بنگلي تي قبضي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿيعدالت مير منظور پنهور جي ٻن پٽن پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب خان پنهور، پ پ ضلعي نائب صدر سليمان پنهور سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ان حوالي سان صحافين سان ڳالهيون ڪندي شجاءُالله پنهور چيو ته عدالت مان انصاف مليو آهي بنگلي تي قبضي ۽ ڀڄ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪرائيندس.