رحيم يار خان: ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن 22هين ڏينهن به جاري

رحيم يار خان: پوليس جو ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ گرينڊ آپريشن 22هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي.پوليس ترجمان موجب ڪچي ۾ آپريشن دوران ڪليئر ڪرايل علائقن ۾ پوليس طرفان گشت ڪيو ويو ۽ اچڻ وڃڻ وارن رستن تي ناڪابندي سان گڏ ايندڙ ويندڙن جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي.ترجمان موجب پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف اڳڀرائي جاري رکي آهي. ڌاڙيلن جي ڳجهن ٺڪاڻن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروايون به جاري آهن.ترجمان موجب آپريشن ۾ هينئر تائين 3 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 28 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته انهن کان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.