اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي چيو آهي ته پرويز الاهي کي به جاچ ادارن سان تعاون ڪرڻ گهرجي.گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن دوران شاهه محمود قريشي پرويز الاهي جي فيملي سان ملاقات بابت اسحاق ڊار کي آگاهه ڪيو.حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبر اسحاق ڊار شاهه محمود قريشي کي جواب ۾ چيو آهي ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. اسان به هميشه قانون کي منهن ڏنو آهي. اسحاق ڊار چيو ته واقعي جي سببن جي اڃان خبر نه آهي. پنهنجي قيادت کي تحريڪ انصاف جي جذبات کان آگاهه ڪندس.ٻئي طرف شاهه محمود قريشي چيو ته معاملا سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته انهن کي ڪير خراب ڪري رهيو آهي. اڱاري تي جيڪا اڳڀرائي ٿي ان کان سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪندس، پوءِ عدالت جيڪو چاهي فيصلو ڪري.