ڪراچي: ۾ لياقت آباد 10 نمبر ۾ 3 ماڙ رهائشي عمارت جي ٽئين فلور تي باهه لڳي ڳئي جنهن جي نتيجي ۾ مڙس، زال ۽ 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.فائر برگيڊ موجب لياقت آباد 10 نمبر ۾ 3 ماڙ رهائشي عمارت جي ٽئين فلور تي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي. باهه جي اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جي ٻن گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو آهي.باهه لڳڻ سبب مڙس، زال ۽ 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا جن کي پوليس ۽ علائقي جي رهواسين جي مدد سان گهر مان ڪڍي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو.زخمين جي سڃاڻپ سليم، امبرين، حفظه، مريم، سفيان، ارم فاطمه ۽ ماهنور جي نالن سان ٿي آهي.