حڪومت جي مفت اٽي واري اسڪيم ۾ 20 ارب کان مٿي چوري ٿي: شاهد خاقان عباسي جو الزام

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نون جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي رمضان ۾ پنهنجي ئي حڪومت جي مفت اٽو ورهائڻ واري اسڪيم ۾ ڪرپشن جو الزام هنيو آهي.گذريل ڏينهن لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته هي نظام ايترو ڪرپٽ ۽ فرسودا ٿي چڪو آهي جو ڪجهه مهيا نٿو ڪري سگهي، بدديانت آفيسر جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي، اڄڪلهه اهو دور آهي جو ايماندار آفيسر کي ڳولڻو ٿو پوي.هن الزام هنيو ته ڏسو ته صحيح، جنهن غريب جي لاءِ 84 ارب رپين جو خرچ ڪيو ويو انکي مليو ڇا؟ حڪومت جي مفت اٽي واري اسڪيم ۾ 20 ارب رپين کان مٿي ڪرپشن ٿي آهي.ٻئي پاسي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب جي نگران حڪومت شاهد خاقان عباسي جي اهڙي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.