لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف کي لبرٽي چوڪ کان ناصر باغ تائين ريلي ڪڍڻ جي اجازت ملي وئي.ڊپٽي ڪمشنر لاهور رافعه حيدر طرفان باقاعده اجازت نامي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه طرفان پي ٽي آءِ کان حلف وٺڻ کان پوءِ اجازت ڏني وئي.اجازت نامي موجب ريلي جي اجازت ڏينهن جو هڪ وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندي. ريلي جي لاءِ استقباليه ڪيمپ نه لڳايا ويندا. ريلي انتظاميه سمورن روٽ جي سيڪيورٽي جي ذميوار هوندي. عدليه ۽ ادارن خلاف تقريرن جي اجازت نه هوندي.اجازت نامي موجب سيڪيورٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ فوڪل پرسن ۽ پي ٽي آءِ ذميوار لاڳاپيل سيڪيورٽي ۽ ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪندا. ٽريفڪ ۾ خلل نه وجهڻ ۽ روان دوان رکڻ لاءِ پي ٽي آءِ ذميوار ضلعي انتظاميه ۽ ٽريفڪ پوليس سان مڪمل تعاون ڪندا.