لاڙڪاڻو: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ ميرمرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته مون فيبروري ۾ سجاول جي گهوسٽ اسڪول جي پوسٽ ڪئي هئي اهو گهوسٽ اسڪول سنڌ حڪومت جي بدعنواني سبب خالي هو.هن لکيو ته اسڪول تباهه ٿيل هو اڃان تائين ساڳيو حال آهي، هڪ اهلڪار منهنجي پوسٽ وائرل ٿيڻ کان پوءِ ملڻ آيو هو پر اسڪول جو اڃان تائين ساڳيو حال آهي. منهنجي لکڻ کان پوءِ به ڪجهه نه ڪيو ويو.فاطمه سوال ڪيو ته ڪهڙا استاد هتي ڪم ڪرڻ جي طور تي رجسٽرڊ ٿيل آهن؟ اهي استاد سرڪاري پگهارون کڻي رهيا آهن. اسان کي انهن جا نالا خبر هجڻ گهرجن. بدعنواني جاري آهي. 10 سال اڳ تعمير ٿيل سجاول تعلقه اسپتال جي به ساڳئي حالت آهي.هن چيو ته عورتن جي بنيادي طبي امداد لاءِ لاڙڪاڻو وڃڻو پوندو آهي. هن سفر دوران اڪثر عورتون فوت به ٿي وينديون اهو عمل بدعنواني آهي، نه اسڪول، نه اسپتال. فاطمه ڀٽو چيو ته اوهان کي خبر آهي ته پئسا ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن ان جي سڀني کي خبر آهي. نسلون ان جي قيمت ادا ڪنديون.