ڪراچي: پروونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) سنڌ طرفان 25 ارب روپين ۾ خريد ڪيل سنڌ جي ٻوڏ متاثرين جو امدادي سامان هالا جي مارڪيٽ ۾ وڪر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان متاثرين جي نالي تي خريد ڪيل 25 ارب روپين جي امدادي سامان جي اسپيشل آڊٽ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب راشن بيگ، واٽر پمپ، مشينون ۽ ٽينٽ مهانگي اگهن تي خريد ڪيا ويا ۽ سامان جو ايترو وڏو انگ متاثرن ضلعن ۾ نه اماڻيو ويو جيتري جي خريداري ڏيکاري وئي آهي. متاثرين جي نالي تي آءِ پي ڊي ايم اي جا مهر لڳل ٽينٽ شهري اوپن مارڪيٽ کان پئسا ڏئي خريد ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف ٻوڏ متاثرين جو امدادي سامان هالا جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پي ڊي ايم اي جا مهر لڳل ٽينٽ خريد ڪندڙ هڪ شهري صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته مون کي خبر ناهي ته اهي ٽينٽ سرڪاري ۽ پي ڊي ايم جا آهن. مون ته هي ٽينٽ 4 هزار روپين جي حساب سان خريد ڪيا آهن.