يروشلم: اسرائيلي جيل ۾ بک هڙتال ڪندڙ فلسطيني قيدي خضر عدنان لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي جيل ۾ قيد فلسطيني قيدي خضر عدنان گذريل 87 ڏينهن کان بک هڙتال تي هو.اسرائيلي جيل اختيارين جو چوڻ هو ته اڱاري جي صبح جو خضر عدنان پنهنجي سيل مان بيهوش مليو، هن ٽيسٽ ۽ علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو.عرب ميڊيا موجب شهيد خضر عدنان جو واسطو فسلطيني گروپ اسلامي جهاد سان هو، سندس شهادت تي فلسطين جي گروپن عام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.عرب ميڊيا جو چوڻ هو ته غزه پٽي کان اسرائيلي علائقن تي 20 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، راڪيٽ حملو خضر عدنان جي شهادت جو ردعمل ٿي سگهي ٿو.