ميٽ گالا 2023: پريانڪا چوپڙا جي هار جي حيران ڪندڙ قيمت

ممبئي: فيشن جي دنيا جي سڀ کان وڏي ميلي ميٽ گالا 2023ع ۾ هالي ووڊ اداڪارائون نت نئين ۽ انوکي آئوٽ فٽ سان گڏ جلوا ڏيکاري رهيا آهن.ميٽ گالا 2023ع نيويارڪ ۾ رٿيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻين اداڪارائن جيان بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي مڙس گلوڪار نڪ جونس سان گڏ خوبصورت ۽ اسٽائلش بليڪ اينڊ وائيٽ لباس سان گڏ جلوه گر ٿي.ان تقريب لاءِ پريانڪا اڇي ۽ ڪاري رنگ مان تيار ڪيل گائون جي چونڊ ڪئي، سندس ڳلي ۾ چمڪندڙ ڊائمنڊ نيڪلس به نمايان هو.ان نيڪلس جي تصوير پريانڪا طرفان پنهنجي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي وئي، ان قيمتي نيڪلس جا تفصيل ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ شيئر ڪيا ويا آهن جنهن موجب پريانڪا جي ميٽ گالا ۾ پهريل نيڪلس جي قيمت 204 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا جو نيڪلس مشهور اطالوي ڪمپني بلگاري پاران تيار ڪيل آهي جنهن کي 11.6 قيراط هيري مان تيار ڪيو ويو هو.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پريانڪا جي نيڪلس کي ميٽ گالا تقريب کان پوءِ نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويندو.