سکر:علي امين گنڊاپور جي آزادي وارو معاملو۔جيل تي ڇاپو، ريڊ ڪمشنر ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي ان ڏس ۾ جيل اختيارن موجب علي امين گنڊاپور خلاف گولڙا شريف اسلام آباد ۽ ريس ڪورس ٿاڻي لاهور ۾ ڪيس داخل آھن

سکر:علي امين گنڊاپور جي آزادي وارو معاملو۔جيل تي ڇاپو، ريڊ ڪمشنر ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي ان ڏس ۾ جيل اختيارن موجب علي امين گنڊاپور خلاف گولڙا شريف اسلام آباد ۽ ريس ڪورس ٿاڻي لاهور ۾ ڪيس داخل آھن۔سکر جي سينٽرل جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آئي سنڌ جي اڳوڻي صدر حليم عادل شيخ ۔فيصل امين گنڊاپور ۔ پي ٽي آئي ضلعي صدر سکر ايڊووڪيٽ ظهير بابر جو چوڻ هو ته گولڙا شريف ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿي وئي پر رليز آرڊر نه مليا.جڏهن ته ريس ڪورس لاهور ۾ داخل ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي.ريس ڪورس ٿاڻي لاهور ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تي لاهور ٿي.عدالت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو سنڌ حڪومت وٽ علي امين کي جيل ۾ رکڻ جو ڪو به جواز ناهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت سمورا ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهي ڇڏيا آهن.جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته ڪيس جي خوف کان خان صاحب کي ڇڏي ڏينداسين ته اها سندن غلطي آهي.رت جي آخري قطري تائين عمران خان سان گڏ آهيون پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو هڻي چادر ۽ چو ديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويون مخالف ڌر جي عورتن کي آمريت جي دور ۾ به گرفتار نه ڪيو ويو هو اسان قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا ۽ اسان کي يقين آهي ته اسان کي عدالتن مان انصاف ضرور ملندو۔