سکر: سنڌ جي ڪڻڪ ڪنٽينرن ۾ لوڊ ڪري ٻين صوبن ڏانهن اسمگلنگ ٿيڻ جو سلسلو جاري، فوڊ کاتي جا آفيسر پئسن عيوض واپارين سان ٻٽ بڻجي ويا،

سکر: سنڌ جي ڪڻڪ ڪنٽينرن ۾ لوڊ ڪري ٻين صوبن ڏانهن اسمگلنگ ٿيڻ جو سلسلو جاري، فوڊ کاتي جا آفيسر پئسن عيوض واپارين سان ٻٽ بڻجي ويا، فوڊ ملازم اسلم مهر تي ڪرپشن ڪيس هجڻ باوجود سينٽر تي مقرر ٿيڻ سبب ٽرڪن ذريعي ڪڻڪ واپارين کي پهچائڻ لڳو، روهڙي ۾ به کلي آسمان هيٺ هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون گذريل سال وانگر هن سال به خراب ٿيڻ جو انديشو، خوراڪ کاتي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو نيب سکر ۽ عدالتون پاڻ مرادو نوٽيس وٺن، تفصيل موجب، سنڌ جي هزارين مڻ ڪڻڪ ڪنٽينرن ۾ لوڊ ڪري پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن اسملنگ ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، فوڊ کاتي جا آفيسر پئسن عيوض واپارين سان ٻٽ بڻجي ويا، جڏهن ته روهڙي بائي پاس پيالا هوٽل تان پرائيويٽ ماڻهن جي مدد سان فوڊ کاتي جا عملدار سعيد سومرو، تنوير ڪلوڙ ۽ ٻيا روزانو ڪيترائي ڪڻڪ سان ڀريل ڪنٽينر سي پيڪ انٽر چينج وٽان پنجاب طرف روانو ڪري لکين رپيا ڪمائي ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٻئي طرف خوراڪ کاتي سکر جي ملازم اسلم مهر تي ڪرپشن جا ڪيس هجڻ باوجود کيس کي سينٽر تي مقرر ڪيو ويو آهي باخبر ذريعن موجب ته فوڊ کاتي جو ملازم اسلم مهر جهلي ڪلواڙي واري ڪچي مان روزانو صبح جو سوير سرڪاري بارداڻي ۾ ڀريل سوين ڪڻڪ جون ٻريون ٽرڪن ذريعي سکر ۾ واپارين کي پهچائي رهيو آهي، جڏهن ته روهڙي ۾ پيارو واھ وٽ نيشنل هاءِ وي ٽول پلازه سامهون بااثر جي پلاٽ تي کلي آسمان هيٺ هزارين سرڪاري ڪڻڪ جون ٻوريون رکيون ويون آهن جتي هزارين مڻ فوڊ کاتي جي سرڪاري ڪڻڪ گذريل سال برساتن سبب خراب ٿي وئي هئي ۽ هن سال به ساڳي ئي جڳهه تي هڪ دفعو ٻيهر ڪڻڪ کلي آسمان هيٺ رکي بااثر ڀوتار کي فوڊ کاتي پاران بيڪار ۽ بنجر ٿيل زمين جو لکين روپيا ڀاڙو پڻ ڏنو ويندو، جڏهن ته ساڳي ئي جاءِ تي رکيل ڪڻڪ هن سال به خراب ٿيڻ جو انديشو آهي، خوراڪ کاتي جي راشي آفيسرن جي ڪرپشن سبب هن سال به سنڌ ۾ اٽي جو بهران پيدا ٿيڻ جا چٽا ثبوت ظاهر ٿي رهيا آهن، اهڙي ڪرپشن جو نيب سکر ۽ اعلي عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي،