گوجرانوالا: اينٽي ڪرپشن عدالت پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت 23 مئي تائين منظور ڪري ورتي آهي.تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف اينٽي ڪرپشن گجرات جي اهلڪارن جي مدعيت ۾ گوجرانوالا سرڪل ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل آهن جنهن ۾ ضمانت حاصل ڪرڻ لاءِ چوڌري پرويز الاهي اڄ اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ٿيو.اسپيشل جج رانا محمد سليم جي عدالت مان چوڌري پرويز الاهي جي عبوري ضمانت 23 مئي تائين منظور ڪئي وئي. چوڌري پرويز الاهي لاهور هاءِ ڪورٽ مان ساڳين ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي هئي.