ڪنڌڪوٽ :غوثپور شھر جي مئن بس اڏي ڀرسان اڻ ڄاتل چور ھندو واپاري منيش ڪمار جي موبائيل جي دوڪان جي ڇت کي کاٽ ھڻي لکين روپين جون ڏھ کان وڌيڪ قيمتي موبائيلون ۽ خاني جا تالا ڀڃي ستر ھزار روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي فرار ٿي ويا۔ متاثر دوڪان دار پاران پوليس اطلاع ملڻ بعد غوثپور ٿاڻي جو وڏو منشي عملي ساڻ واقعي واري ھنڌ پھچي دوڪان مالڪ کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي۔ واضع رھي ته غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ھجڻ سبب علائقي جو عوام نه روڊ تي سفر ڪري سگھي ٿو نه ئي گھرن ۽ دوڪانن تي محفوظ آھي