سکر : بيراج ڪالوني جي رهواسڻ صوبيه ميمڻ پنهنجي ڏيرياڻي عذرا ميمڻ ۽ ٻارن سميت سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ هفتو اڳ منهنجي مڙس عبدالرحمان ميمڻ فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ گهران نڪتو ان کانپوءِ هو گم ٿي ويو آهي، سندس فون نمبر به لڳاتار بند آهن، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پوليس وٽ به ويا آهيون پر پوليس مدد نه پئي ڪري، خدشو آهي ته مڙس کي اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مون کي پنج ننڍڙا ٻار آهن، مان تمام گهڻو پريشان آهيان، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس مڙس کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.