اداڪارا ناديه جميل جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان : جي سينئر اداڪارا ناديه جميل جو پيءُ جليل جميل لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي تصديق اداڪارا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي ڪئي.ناديه جميل پيءُ سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اسان خدا جا آهيون ۽ ان ڏي ئي موٽندا آهيون، مهرباني ڪري منهنجي پيءُ جي آخري سفر لاءِ دعا ڪيو.ان کان هڪ ڏينهن اڳ ناديه جميل پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن کي پيءُ جي طبيعت خراب هجڻ جو اطلاع ڏنو هو ۽ دعائن جي اپيل ڪئي هئي.