سون : هزارين رُپيا مهانگو، مُلڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

مُلڪ : ۾ سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ سون جو في تولو 2600 رُپيا مهانگو ٿيو آهي، جنهن بعد مُلڪ ۾ سون جو في تولو 2 لک 25 هزار 300 رُپيا ٿي ويو آهي.ڏهه گرام سون جي قيمت ٻه هزار ٻه سئو 29 رُپيا واڌ بعد هڪ لک 93 هزار هڪ سئو 58 رُپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 29 ڊالر واڌ بعد في اونس 2044 ڊالر جو ٿي ويو آهي.