گووا ۾ بلاول جي روسي هم منصب سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ روسي هم منصب سرگرئي لاوروف سان ملاقات ڪئي آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پاڪ روس لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترجمان ٻڌايو ته روسي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جي خاطري ڪرائي.ترجمان موجب ملاقات ۾ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.