خيرپور : ماڊل ڪورٽ طرفان زال جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي عمر قيد

خيرپور : ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت ۾ فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش ناريجو ۾ عورت کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مقتولا ناهيدان ناريجو جي مڙس نظر علي ولد نظير احمد ناريجو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ ٽي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو.ڏنڊ جي رقم مقتولا ناهيدان ناريجو جي وارثن کي نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.ياد رهي ته 24 سيپٽمبر 2017 تي ڪارنهن الزام هڻي بندوق سان فائر ڪري سزا ٻڌايل جوابدار پنهنجي 25 سالا زال مسمات ناهيدان ڌيءَ روشن علي ناريجو کي قتل ڪيو هو.