دريا خان مري : ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، صحافين وٽ پھچي تحفظ لاءِ دانهون ڪيون.دريا خان مري رهواسي ڪجهه مهينا اڳ نوشهرو فيرو ڪورٽ مان يارمحمد لاشاري ۽ مسمات ريمان سومرو پيار دريا خان مري ۾ پهچي تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو.مسمات ريمان سومرو داهندي چيو ته مان پنهنجي هوش ۽ هواس سان بنا ڪنهن دٻاءُ جي رضا خوشي سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آھي، جنهن تي منهنجا ڀائر ۽ منهنجا مائيٽ ۽ ڪجهه انهن جا ساٿاري منهنجا ۽ منهنجي مڙس جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن، منهنجا ڀائر ۽ ٻيا مائيٽ اسان کي ڪوڙي ڪيسن ۾ فاسائيڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، جنهن نوشھرو فيروز سيشن جج، ايس ايس پي نوشھرو فيروز، ڊي ايس پي نوشھرو فيروز ۽ ايس ايڇ او دريا خان مري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿي ڪيان ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.