منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث 41 اهلڪار معطل

ڪراچي: آءِ جي سنڌ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ٻن ڊي ايس پيز ۽ 6 ايس ايچ اوز سميت 41 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ صوبائي ٽاسڪ فورس جي سفارش تي سخت قدم کنيو آهي.معطل ٿيلن ۾ ايس ڊي پي او نيو ڪراچي ڪنور آصف سرفراز، ايس ڊي پي او ٽنڊو غلام انور حسين شاهه، ايس ايچ او شريف آباد غلام حسين پيرزادا، ايس ايچ او بلال ڪالوني آفتاب عباسي، ايس ايچ او گلبرگ اشرف جوڳي، ايس ايچ او پاڪ ڪالوني ڀائي خان، ايس ايچ او سعيد آباد شاڪر علي ۽ ايس ايچ او اتحاد ٽائون ارباب غلام رسول شامل آهن.ايس ايچ او اي سيڪشن لطيف آباد نياز احمد پنهور ۽ ايس ايچ او حالي روڊ نثار احمد شاهه به معطل ٿي ويا، سب انسپيڪٽر وحيد، اي ايس آءِ گل فراز، اي ايس آءِ ناصر، اي ايس آءِ علي دوست به معطل ٿي ويو.