ٽنڊوڄام: زرعي يونيورسٽي ۾ منشيات سان نفرت، زندگي سان پيار جي عنوان هيٺ سيمينار منعقد

ٽنڊوڄام: آل پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز آرگنائيزيشن سنڌ پاران ضلعي انتظاميه جي تعاون سان زرعي يونيورسٽي جي اي ايم شيخ ھال ۾ منشيات سان نفرت، زندگي سان پيار جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو.جنھن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.انھي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪول ميرپورخاص انور قريشي، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز حيدرآباد ڊاڪٽر نويد شاهه، ڊسٽرڪٽ امن ڪميٽي جي چيئرمين عمران سھروردي، پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر، آل پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز سنڌ جي چيئرمين احسن حميد چيو ته حيدرآباد سميت پوري ملڪ ۾ نوجوان نسل منشيات جي دٻڻ ۾ ڦاٿل آھي، تعليمي ادارا به منشيات کان محفوظ ناھن رھيا. جيڪا ملڪ جي مستقبل لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال آھي.ھنن چيو ته معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي استادن سميت والدين کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ٻارن ۽ نوجوان نسل کي نشي کان محفوظ رکي سگھجي. منشيات ڪينسر ۽ ٻين موذي بيمارين جو ڪارڻ آھي، تنھن ڪري ٻارن ۽ نوجوان نسل کي نشي آور شين کان پري رھڻ گھرجي ۽ پنھنجي مستقبل تي توجهه ڏئي، سٺو مقام حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن.