لاڙڪاڻي : شهر جي وليد ٿاڻي جي حد سينٽرل جيل جي سامهون هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن سميت پنج ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته واقعي کان پوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، جنهن بعد پوليس مقتولن جا لاش چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندا ويا، جتي مقتولن جي سڃاڻپ قمبر شهدادڪوٽ جي رهائشي طور ٿي آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته نامعلوم ڪار ۾ سوار هٿياربندن ٻي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان تعلق رکندڙ پنج ڄڻا، شوڪت علي، امير علي، نجم چانڊيو ۽ ٻه ٻيا شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، واقعي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا ۽ مقتولن جي وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.